نوازشريف وزيراعظم بڻجڻ لاءِ  اڳيان نه آيو ته سواليه نشان  پيدا ٿي ويندو: زبير

نوازشريف وزيراعظم بڻجڻ لاءِ اڳيان نه آيو ته سواليه نشان پيدا ٿي ويندو: زبير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ن ليگ جي اڳواڻ محمد زبير عمر چيو آهي ته نواز شريف وزيراعظم بنجڻ لاءِ اڳيان نه آيو ته سواليه نشان بيهجي ويندو، هڪ انٽريو ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ڪريڊٽ ڏيڻون پوندو، ن ليگ بري طرح سان ناڪام ٿي، محمد زبير چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت ناڪام ٿي، چونڊ مهم ۾ 16 مهينن جي مدي کي لڪائي رهيا هئا، ووٽ کي عزت ڏيو بيانيي ۾ اثر هو، جڏهن ته ان بيانيي کي پٺ تي ڇڏيو ويو، هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت واريون پارٽيون ئي ٻيهر حڪومت ٺاهيندي نظر اچي رهيون آهن، هي عوام کي ڇا ٻڌائينديون، ان هيءَ پي ڊي ايم دور ۾ واپس وڃي رهيا آهن ته عوام ۾ خوف پيدا ٿيندو ته ساڳئي مهانگائي ۽ مسئلا ٿيندو، عوام ن ليگ کي ووٽ ان ئي ڪري ڏنو آهي ته نوازشريف وزيراعظم بڻجندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو