نوازشريف جي هدايت تي شاهد خاقان جي مريم نواز سان ملاقات

نوازشريف جي هدايت تي شاهد خاقان جي مريم نواز سان ملاقات

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعطم شاهد خاقان عباسي پارٽي اڳواڻ نوازشريف جي هدايت تي (ن) ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز سان ملاقات ڪئي. پارٽي ذريعن مطابق (ن) ليگ ۾ ڌڙي بندين جون خبرون اچڻ کان پوءِ شاهد خاقان عباسي نوازشريف جي خاص هدايت تي مريم نواز سان ملڻ لاهور پهتو مريم نواز سان پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ ملاقات ٿي جيڪا اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي اهم ملاقات ۾ مريم نواز شاهد خاقان عباسي کي خاطري ڪرائي ته پارٽي معاملن ۾ سينيئر قيادت کي گڏ کڻي هلنداسين مريم نواز ڳالهائيندي چيو ته منهنجو اوهان سان احترام جو مضبوط رشتو آهي افواه پکيڙيندڙ ناڪام ٿيندا مريم ناوز چيو ته مان اوهان جي ڀيڻ آهيان ۽ اوهان جي رهنمائي ۾ پارٽي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار اداڪرڻ چاهيان ٿي پارٽي منهنجي اڪيلي جي نه آهي نوازشريف جي سربراهي ۾ سڀ گڏجي پارٽي لاءِ ڪم ڪنداسين اوهان جهڙا ليڊر پارٽي جو ناز آهن اوهان جون لازوال قربانيون فراموشن نٿيون ڪري سگهجن ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي چيو ته مان نوازشريف جو سپاهي هيس، آهيان ۽ هميشه رهندس منهنجو موقف آهي ته پارٽي ۾ هر معاملي تي صلاح مشوري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي هن چيو ته مان پنهنجو سڀ ڪجهه (ن) ليگ لاءِ ارپي ڇڏيو آهي نوازشريف منهنجو ليڊر آهي ۽ شهبازشريف جي رهنمائي هميشه مون سان گڏ رهي نوازشريف سان محبت آهي ان لاءِ (ن) ليگ ۾ آهيان (ن) ليگ ۾ رهيس ۽ آخري پساهه تائين (ن) ليگ ۾ ئي رهندس (ن) ليگ کان پري نه آهيان نوازشريف ۽ پارٽي سان اڄ به رابطو قائم آهي ۽ سڀاڻي به قائم رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو