نه سياست بدلي آهي نه سياستدان :ناصر شاهه

نه سياست بدلي آهي نه سياستدان :ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو اهي ته پاڪستان ۾ نه سياست بدلي آهي نه ئي سياستدان بدليا آهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ ناصر حسين شاهه پ پ جي اڳواڻن تي تنقيد ڪندڙن بابت ڳالهه ڪئي آهي هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سطحي ماڻهن جي اقتدار ۾ اچڻ سبب اخلاق جو معيار ڪري پيو آهي هن چيو ته مذهب کي سياست کان پري رکڻ گهرجي. ڇو ته سياست هر حال ۾ کٽڻ جو نالو آهي ۽ مذهب جون پنهنجون حدون هونديون آهن جيڪي اورانگهي نٿيون سگهجن هن پي ٽي آئي تي تنقيد ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي پر اوهان جو سونامي ته هيو ئي اقتدار لاءِ ته قوم کي تباهه ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو