خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال)نقلي دوائن ۽ ٻجن سبب ڦٽي جو فصل تباھ ٿيڻ تي آبادگارن زرعي ڊيلرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. آبادگارن محمد خان شر. ايڊووڪيٽ نور محمد سيال. شهزادو شر ۽ ٻين زرعي ڊيلرن ۽ زراعت کاتي جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته زراعت کاتي جي نااهلي سبب خانپورمهر ۾ اڇي مک جي حملي ڪري اسان آبادگارن جي ڦٽي جو فصل مڪمل تباھ ٿي ويو آهي جنهن جا ذميوار زرعي ڊيلرآهن هنن غير معياري دوائون ۽ ٻج وڪرو ڪيو جنهن جي ڪري اسان آبادگارن دانهون ڪندا رهياسين پر اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ زراعت کاتي جا عملدار تيار نه هئا هنن چيو ته هاڻي فصل ڦٽي جو مڪمل تباھ ٿي ويو آهي پر سرڪار ڪابه واهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي نه ئي غير معياري دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي هنن چيو ته اسان جو فصل جو نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي ۽زرعي قرض ۽ڍل معاف ڪري اسان آبادگارن کي معاشي طور ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي.










