نقلي زرعي دوائن جي وڪري خلاف آبادگارن جو احتجاج

نقلي زرعي دوائن جي وڪري خلاف آبادگارن جو احتجاج

جروار(محمد بخش گبول) نقلي زرعي دوائن جي وڪري خلاف جروار يوٿ فورم ،آبادگارن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن پاران ذوالفقار گبول جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. جروار ،يارو لنڊ ،ڳڙھي چاڪر ۽ آس پاس جي ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪپھ جو فصل نقلي زرعي دوائن جي استعمال سبب تباھ ٿيل آھي ان سلسلي ۾ جروار يوٿ فورم ۽ آبادگارن پاران ذولفقار گبول واجد علي عاجز ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن  جي اڳواڻي۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو . ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن علي گوھر گبول، رحيم گبول،  واجد علي عاجز، منظر بوزدار جميل بوزدار، زاھد گبول فراز لنڊ ۽  ٻين  ڳالھيندي چيو ته  ھارين جو موجوده دؤر ۾  سڀ کان وڏو دشمن سرمائيدار آھي، سنڌ پنھنجي زرعي پيدوار سبب ھر دور ۾ خوشحال رھي آھي ۽ سنڌ جي زراعت جي خوشحالي ڏسي اڳ ۾ ڦورو ۽ لٽيرا ڪاھ ڪري ھارين کي تباھ ڪندا ھئا ھاڻي اھو ڪم سرمائيدار ڪري رھيا آھن سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته سرمائيدارن جي ھن لٽ مار ۾ زراعت کاتو پڻ انھن جو ساٿاري بڻيل آھي جيڪو انھن کي چند پئسن عيوض بغير ٽيسٽ جي زرعي دوائون مارڪيٽ ۾ ھلائڻ جي اجازت ڏئي ٿو ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو