اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته نفرت تي ٻڌل بيانن، تعصب ۽ اشتعال انگيزي جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو. نفرت انگيز تقريرن جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي صدرِ اسلامي جمهوريه پاڪستان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نفرت انگيز تقريرون امن، انساني وقار ۽ سماجي هم آهنگي لاءِ سنگين خطرو آهن، نفرت تي ٻڌل بيانن، تعصب ۽ اشتعال انگيزي جو مقابلو ڪرڻ اجتماعي ذميواري آهي، اسلام رحمت، رواداري، عدل، اعتدال ۽ انسانيت جي احترام جو درس ڏئي ٿو.هن چيو ته ڊيجيٽل دور ۾ اظهارِ راءِ سان گڏ ذميواري به لازمي آهي، سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز مواد، ورهاست، بي اعتمادي ۽ تشدد کي هٿي ڏئي ٿو، پاڪستان مختلف مذهبن، مسلڪن ۽ ثقافتن تي ٻڌل هڪ متنوع معاشرو آهي، مذهبن وچ ۾ هم آهنگي ۽ مسلڪن وچ ۾ افهام و تفهيم کي وڌيڪ هٿي ڏيڻي پوندي. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان جو آئين هر شهري جي برابر حقن، مذهبي آزادي ۽ انساني وقار جي ضمانت ڏئي ٿو، قومي اتحاد، گڏيل احترام ۽ رواداري ئي اسان جي اجتماعي قوت آهن، علمائي ڪرام، استاد، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ نوجوان نفرت انگيز بيانن جي خاتمي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪن. صدر مملڪت وڌيڪ چيو ته نفرت انگيز تقريرن جو تدارڪ صرف قانون سان نه، پر تعليم ۽ اخلاقي تربيت سان به ممڪن آهي، اختلافن کي نفرت سان نه پر گڏيل سمجهوڪي، فہم و ادراڪ ۽ ڳالهين (مکالمي) ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، استحڪام، اتحاد ۽ خوشحالي سان نوازي.










