لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار نعمان اعجاز جي پنهنجي زال رابعه نعمان سان گڏ ڊانس ڪندي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ڊانس وڊيو ۾ نعمان اعجاز کي ڀارتي فلم ”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2“ جي مشهور گاني ”يه جواني هي ديواني“ تي پنهنجي زال رابعه نعمان سان گڏ هڪ شادي جي تقريب ۾ رقص ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. اداڪار جي اها وائرل ڊانس وڊيو سندس مداحن کي پسند ڪئي پئي وڃي.نعمان اعجاز جي لاجواب اداڪاري کان پوءِ هاڻي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ سندس ڊانس کان ڪافي متاثر ٿي رهيا آهن.
https://www.instagram.com/galaxylollywood/?utm_source=ig_embed&ig_rid=ec3e0d1b-8842-46c6-a775-4a68d09e902b










