باغ (ويب ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) کي غلط فهمي آهي ته اها آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ وڃي رهي آهي، حقيقت ۾ اسلام آباد ۾ قائم سندن حڪومت به خطري ۾ آهي ۽ ان جي الٽي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، نون صوبن جو فيصلو جيڪڏھن عوام جو نہ ھوندو تہ اسان حمايت نہ ڪنداسين.آزاد ڪشمير جي ضلعي باغ ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اسلام آباد حڪومت جي الٽي ڳڻپ پيپلز پارٽي شروع ناهي ڪئي، پر اها ڳڻپ سندن پنهنجن ماڻهن ئي شروع ڪرائي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ سياسي اختلاف ٿيندا رهندا آهن، پر اصل مسئلو ڪجهه ٻيو آهي. ن ليگ جو هڪ خاص ڌڙو وزيراعظم کي اتحادين سان ويڙهائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته اصل ويڙهه اسلام آباد ۽ لاهور وچ ۾ هلي رهي آهي، جيڪا سندن خاندان جو اندروني معاملو آهي. هن چيو ته نظام ناڪام ناهي ٿيو، پر ان کي ناڪام بڻايو ويو آهي. جيستائين عوام جي حاڪميت تسليم نه ڪئي ويندي، تيستائين نظام صحيح نموني هلي نه سگهندو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ عوام جو فيصلو هوندو ته پيپلز پارٽي ان جو ساٿ ڏيندي، پر جيڪڏهن اهو عوام جو فيصلو نه هوندو ته پارٽي نون صوبن جي حمايت نه ڪندي. بلاول ڀٽو چيو ته ڪشمير جي تاريخ ۾ ان کان اڳ ڪڏهن به ايترو ڏکيو وقت نه آيو. 50، 50 ڏينهن تائين انٽرنيٽ ۽ روڊ بند رهڻ سبب ڪاروبار ۽ معمول جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍي سگهجي ٿو. آزاد ڪشمير اسيمبلي به سچائي ۽ مفاهمتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪري چڪي آهي، تنهن ڪري ڪميشن جي قيام تائين احتجاج ڪندڙ احتجاج ۽ ڪارروائي ڪندڙ ڪارروائيون بند ڪن. بلاول ڀٽو چيو ته تاريخ ۾ ڪڏهن به آزاد ڪشمير ۾ ڇهن مرحلن ۾ چونڊون ناهن ٿيون. جيڪڏهن ڪشمير هڪ آهي ته چونڊون به هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گهرجن ها، جڏهن ته مرحلن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مقصد ڌانڌلي ڪرڻ هو. هن وڌيڪ چيو ته هو ڪشميرين کي پيش ايندڙ مسئلن کان چڱيءَ ريت واقف آهي ۽ ڌانڌلي وارا ۽ خوني چونڊ نتيجا پيپلز پارٽي کي قبول ناهن.










