ندا ياسر جو وارن وارو  اسٽائل سوشل ميڊيا تي مذاق بڻجي ويو

ندا ياسر جو وارن وارو اسٽائل سوشل ميڊيا تي مذاق بڻجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور ميزبان ۽ اداڪاره ندا ياسر پنهنجي نئين وار اسٽائل جي ڪري سوشل ميڊيا تي خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.ندا ياسر جون سندس نئين وار اسٽائل سان تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن ۽ صارفين طرفان انهن تي دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا پيا وڃن.ڪجهه سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو خيال آهي ته ندا ياسر جو هي نئون وار اسٽائل مشهور ڊراما سيريل ‘ماما’ ۾ صبا قمر جي وار اسٽائل سان تمام گهڻو ملندو آهي.ڪجهه سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ سندس نئين وار اسٽائل جو مذاق اڏائيندي به نظر اچي رهيا آهن.هڪ صارف هن نئين وار اسٽائل جي ڪري ندا ياسر کي هڪ خوفناڪ فلم ۾ هڪ خوفناڪ ڪردار سان تشبيهه ڏني آهي.هڪ ٻئي صارف لکيو آهي ته ندا ياسر پاڻ سان ڇا ڪيو آهي؟ هي نئون انداز هن تي بلڪل به سٺو نه ٿو لڳي.

پهنجو تبصرو موڪليو