نجي ملڪيت بنيادي آئيني حق، آءِ ٽي  بل جاچ پڙتال کانسواءِ منظور نه ٿيندو

نجي ملڪيت بنيادي آئيني حق، آءِ ٽي بل جاچ پڙتال کانسواءِ منظور نه ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سينيٽ ۾ ڪو به آءِ ٽي (IT)، پي ٽي اي (PTA) يا رائٽ آف وي بل مڪمل پارلياماني جاچ پڙتال کانسواءِ منظور نه ڪيو ويندو.شيري رحمان تڪراري آءِ ٽي بل بابت ڳالهائيندي چيو ته قومي اسيمبلي مان آيل بل ۾ تڪراري شقون برقرار هيون، ان ڪري ئي ان کي سينيٽ ۾ روڪيو ويو. شق 27 اي سميت ڪيتريون ئي سخت ۽ ناقابلِ قبول دفعائون ختم نه ٿيڻ ڪري بل کي قائمہ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ فائبرائيزيشن (Fiberization) جي خلاف ناهيون، پر نجي ملڪيت ۽ رائٽ آف وي تي ڪو به سمجھوتو قبول ناهي. وڏن جرمانن ۽ انتظاميا کي غير معمولي اختيار ڏيڻ جي مخالفت جاري رهندي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته بل تي تڪڙ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، جيستائين سڀئي تحفظات ختم نه ڪيا ويندا، تيستائين منظوري نه ڏني ويندي. عوامي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ بل تي پبلڪ هيئرنگ (عوامي ٻڌڻي) پڻ ٿيڻ گھرجي. هن اها ڳالهه پڻ واضع ڪئي ته نجي ملڪيت بنيادي آئيني حق آهي، ان تي اثر انداز ٿيندڙ شقون قبول نه ڪيون وينديون. قائمہ ڪميٽي ۾ ٻيهر اهي ئي ترميمون پيش ڪيون وينديون، اسان جي موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي.

پهنجو تبصرو موڪليو