نجي تنظيم پاران مفت هيپاٽائيٽس جي اسڪريننگ ڪيمپ قائم

نجي تنظيم پاران مفت هيپاٽائيٽس جي اسڪريننگ ڪيمپ قائم

باڊھ (ن سنڌيار) تقي شاهه سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران آغا خان يونيورسٽي اسپتال تقي شاهه هائوس ۾ مفت هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي. جنهن جي نگراني پير تقي شاهه سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن صدر سيد عمران شاهه جيلاني ۽ جنرل سيڪريٽري فرهاد جيلاني . نائب صدر علي اصغر قنبر. خزانچي انور علي قنبر. جوائنٽ سيڪريٽري نويد علي سومرو نائب خزانچي جاويد احمد مسڻ ڪئي ۔جنهن ۾ باڊهه ڏوڪري آريجا باقراڻي۔ نصيرآباد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي غريبن مسڪينن بيواه عورتن معصوم ٻارن وڏي تعداد هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ڪرائي ۔ آغا خان يونيورسٽي اسپتال ۾ هيپاٽائيٽس سي جي مفت اسڪريننگ بلاول احمد ڀٽي ڪوآرڊينيٽر. ليب انچارج سليم احمد پرويز احمد سينيئر اسٽاف ميل نرس خورشيد احمد ٽرانسپورٽرن جي ٽيم پير تقي شاهه جيلاني هائوس تي 700 کان وڌيڪ ماڻهن جي هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ڪئي، جنهن مان 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهن ۾ هيپاٽائيٽس سي جي تصديق ٿي، جنهن جي تصديق ٿيل ٽيسٽ اعليٰ آفيسر تائين پھچائڻ لاء . مريضن کي ٻ لاڙڪاڻي اسپتال ۾ مفت علاج ڪيو ويندو.مريضن کان موبائل نمبر ڪارڊ ڪاپي وصول ڪئي وئي وڌيڪ علاج لاء انهن مريضن کي لاڙڪاڻو سرڪاري اسپتال گهرائي فري علاج ڪيو ويندو ان موقعي تي پري پري کان آيل ماڻھن مفت علاج جو فائدو وٺندي پير تقي شاه گادي نشين سيد عمران شاهه جيلاني ۽ پير تقي شاهه سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن ٽيم کي دعائون ڪندا رهيا . آغا خان يونيورسٽي اسپتال مان آيل ٽيم جي سارھ سان گڏ دعائون ڏيندا رهيا ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو