لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪنهن به نجي تنظيم يا عام ماڻهو کي ٻوڏ متاثرين ۾ کاڌو ورهائڻ کان روڪيو نه آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب حڪومت صرف ايترو چيو آهي ته کاڌو ورهائڻ کان پهريان ضلعي انتظاميه ۽ فوڊ اٿارٽي کان کاڌو چيڪ ڪرايو وڃي، ڪجهه جڳهين تي پرائيويٽ ماڻهن طرفان غير معياري کاڌو ورهائڻ جون شڪايتون سامهون آيون هيون. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو انهي حوالي سان ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. ٻوڏ متاثرين جي صحت جو خيال رکندي اهي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ کان پوءِ متاثر علائن ۾ بيماريون پکڙجڻ جو امڪان آهي، انهي حوالي سان اهو سڀ ڪجهه انهن جي صحت جي حوالي سان ڪيو پيو وڃي، انهي کي سياست پوائنٽ اسڪورنگ جي طور تي استعمال نه ڪيو وڃي. مريم نواز هر جڳهه تي انهي لاءِ پاڻ وڃي رهي آهي ته انتظاميه کي به خبر پئي ته اسان کان به ڪير ڏسڻ ۽ پڇڻ وارو آهي. عوام کي خبر آهي ته انهن جي وزيراعليٰ هر حال ۾ هر جڳهه تي انهن سان گڏ بيٺل آهي.










