نجي اسڪول ۾ جشن آزادي جي شاندار تقريب منعقد،ٽيبلو پيش

نجي اسڪول ۾ جشن آزادي جي شاندار تقريب منعقد،ٽيبلو پيش

جان محمد سوسائٽي (ن سنڌيار)سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان ھلندڙ سٺي ساک رکندڙ مشعل ماڊل اليمينٽري اسڪول راضو ۾ جشن آزادي جي حوالي سان شاندار پروگرام منعقد ٿيو،پروگرام اسڪول پرنسيپل شاھ ڏنو مھر جي نگراني ۾ ٿيو،جنھن ۾ سوين شاگرن،شاگردياڻين شرڪت ڪئي،پروگرام جي شروعات تلاوت پاڪ سان ڪئي،قومي ترانو وڃايو ويو وئي،پرنسپل استاد شاھڏنو مھر سڀني کي ڀليڪار ڪيو،شاگردن قومي گيتن تي رڪس ڪيو ،تقريرون ڪيون ،شاگرن ٽيبلوز پيش ڪيا،پروگرام ۾ اسڪول جي استادن استادن شعيب احمد چنو،استاد سجاد حسين سومرو،استاد غلام فريد مھر يوسي قاضي بادل مھر جي ڊسٽڪ ڪائونسل ميمبر غوث بخش مھر،ڪائونسلر عبدالستار مھر،سماجي ورڪر امان الله مھر ،جميل راھي مھر ،يامين چاچڙ،حزب الله مھر،شاھنواز مھر،احسان علي مھر،ديوان جي سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي مقررين تقريون ڪندي چيو ته اسان کي پيارو پاڪستان وڏي قربانين سان مليو آھي ،اسين سڀ پاڪستان سان دل جان سان محبت ڪريون ٿا،آخر ۾ پاڪستان جي سلامتي لاء دعا گھري وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو