اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب جي اينٽي ڪرپشن کاتي آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ڀاءُ نجف حميد جي آمدن کان وڌيڪ اثاثن بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اينٽي ڪرپشن ڊائريڪٽر راولپنڊي ۽ چڪوال جي ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي نجف حميد جي نالي ٿيل ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪيا آهن. نجڦ حميد جو پنجاب جي روينيو کاتي ۾ تپيدار هو، تنهن کي ڪيترن سندس سينئر ساٿين کي سپرسيڊ ڪري فيض حميد جي دور ۾ آئوٽ آف ترن پروموشن ڏئي نائب تحصيلدار يعني اسسٽنٽ مختيارڪار بڻايو ويو هو. پنجاب حڪومت 16 فيبروري تي کيس معطل ڪري غيرقانوني ترقي بابت به جاچ شروع ڪئي آهي. مٿس الزام آهي ته هن ڪيترن ئي غريب ماڻهن جي زمينن جا کاتا مٽائي ڇڏيا هئا ۽ مختلف هائوسنگ اسڪيمز ۾ سندس پارٽنرشپ آهي. ڪجهه وقت اڳ اهي خبرون به شايع ٿيون ته هن تمام وڏي ايراضي تي محل ٺهرايو آهي، جنهن ۾ جم، سوئمنگ پول، باغ ۽ چڙيا گهر سميت تمام گهڻيون سهولتون آهن.










