ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جو نالو اِي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي کيس 9 اپريل کان 19 مئي تائين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جِي اجازت ڏئي ڇڏي، نيب پراسيڪيوٽر طرفان نثار کهڙو کي پرڏيهه وڃڻ جِي اجازت ڏيڻ واري فيصلي جي مخالفت، نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته جوابدار خلاف 3 نيب انڪوائريز هلي رهيون آهن، خدشو آهي ته جوابدار پرڏيهه وڃڻ بعد ڏيهه واپس نه ايندو.










