ناڻي کاتي ۾ اڪائونٽنٽ جي جاءِ خالي رکو، اختيارين کي نوٽيس

ناڻي کاتي ۾ اڪائونٽنٽ جي جاءِ خالي رکو، اختيارين کي نوٽيس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي ناڻي کاتي ۾ گريڊ 17 جي اڪائونٽنٽ جي پوسٽ لاءِ ڀرتي واري ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي،عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ حڪم ڏيندي چيو ته درخواستگذار جي لاءِ هڪ جاءِ خالي رکي وڃي،جواب جمع نه ٿيڻ تي ايس پي ايس سي جا آفيسر ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿين، درخواستگذار جو وڪيل چيو ته درخواستگذار ناڻي کاتي ۾ اڪائونٽنٽ جي پوسٽ لاءِ لکت ۾ امتحان ڏنو ، لکت وارو امتحان پاس ڪرڻ بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن انٽرويو لاءِ نااهل قرار ڏنو،سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چوڻ آهي ته درخواست ڏيندڙ گهربل تعليمي معيار تي پورو نٿو لهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اميدوار جي ڊگري کي گريجوئيشن جي برابر تسليم نٿي ڪري،اميدوار ايڇ ايڇ اي سي پاران تعليمي معيار تي پورو لهي ٿو ۽ نوڪري لاءِ اهل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو