ناڪامي جو ذميوار ڪنهن هڪ شخص کي نه ٿو قرار ڏئي سگهجي

ناڪامي جو ذميوار ڪنهن هڪ شخص کي نه ٿو قرار ڏئي سگهجي

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر فهيم اشرف جو چوڻ آهي ته ناڪامي جو ذميوار ڪنهن هڪ شخص کي نه ٿو قرار ڏئي سگهجي.ميچ ۾ شڪست کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فهيم اشرف چيو ته پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪپتان جو هو.فهيم اشرف چيو ته ٻئي اننگز ۾ نمي جي ڪري بالنگ ڏکيو ٿي ويو، پر سٺي فيلڊنگ توهان جي پنهنجي هٿن ۾ آهي.هن وڌيڪ چيو ته ٽيم ويٺي خامين تي بحث ڪندي، ۽ جيڪڏهن ٽيم گهر ۾ کٽي ها ته وڌيڪ خوشي ٿئي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو