لبنان ۽ پاڪستان ۾ فوجي تعاون وڌائڻ تي اتفاق، ايران سان معاهدي جي ويجهو آهيون، ٽرمپ

لبنان ۽ پاڪستان ۾ فوجي تعاون وڌائڻ تي اتفاق، ايران سان معاهدي جي ويجهو آهيون، ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران سان ڳالهين جو عمل رڪيل ناهي، وچ اوڀر ۾ امن معاهدي حاصل ڪرڻ جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون ۽ هڪ تمام سٺو معاهدو ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن اندر طئي ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ايران خلاف لاڳو پابنديون ۽ ناڪابندي مڪمل طور تي برقرار آهن، جنهن سبب نه تيل جي ترسيل ٿي رهي آهي ۽ نه ئي ايران کي ڪا آمدني حاصل ٿي رهي آهي.

لبنان ۽ پاڪستان ۾ فوجي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ لبنان جي فوجي سربراهن راولپنڊي ۾ ملاقات بعد تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان هن وقت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هلندڙ مهينن کان جاري تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ثالثي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته تهران جو اصرار آهي ته ڪنهن به معاهدي ۾ لبنان کي به شامل ڪيو وڃي، جتي اسرائيل ايران جي حمايت يافته حزب الله خلاف جنگ ۾ مصروف آهي. لبنان جي فوجي سربراهه روڊولف هيڪال ۽ پاڪستان جي آرمي چيف عاصم منير وچ ۾ ”باہمي مفادن، بدلجندڙ علائقائي سلامتي صورتحال، دفاعي تعاون ۽ ٻه طرفي فوجي لاڳاپن کي وڌائڻ جي امڪانن“ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جيئن پاڪستاني فوج جي ميڊيا ونگ بيان ۾ چيو ويو. بيان موجب عاصم منير پاڪستان فوج جي لبناني فوج سان دفاعي تعاون وڌائڻ جي عزم کي اجاگر ڪيو، جڏهن ته روڊولف هيڪال کي ملاقات کان اڳ گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو. هي دورو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن لبنان تي اسرائيلي بمباري جاري آهي.

اسرائيلي حملي ۾ ايراني ايئر ڊفينس جا 2 ملازم فوت

ايران جي سرڪاري ٽي وي موجب سومر ڏينهن اسرائيلي حملي ۾ فضائي دفاعي يونٽ جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه اهلڪار مارجي ويا آهن. ايران جي فوج چيو آهي ته انهن سپاهين جي جنازي جون رسمون اڱاري ڏينهن تهران ۾ ادا ڪيون وينديون. جڏهن ته اسرائيل ۽ ايران هڪ ڏينهن تائين ميزائلن جي ڏي وٺ کان پوءِ حملا روڪڻ جو اعلان ڪيو هو، ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل بيروت تي حملا جاري رکيا ته هو به جنگ ٻيهر شروع ڪندو.

اسرائيلي هوائي حملو ٽائر ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا

لبنان جي ڏکڻ ۾ سول ڊفينس موجب اسرائيلي هوائي حملي ۾ ٽائر شهر جي هڪ مشهور رهائشي علائقي تي گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهو مارجي ويا آهن. هي حملو ان کان ٿورو پوءِ ٿيو جڏهن اسرائيلي فوج ٽائر شهر لاءِ جبري لڏپلاڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

لبناني حڪومت ايران کان فائدو وٺي پنهنجا هدف حاصل ڪري

حزب الله چيو آهي ته ايران جو اسرائيل خلاف لبنان جي دفاع لاءِ جواب ”اخلاقي، سياسي ۽ عملي وابستگي“ جو پيغام هو. تنظيم لبناني حڪومت کي چيو آهي ته هو ايران سان پنهنجا لاڳاپا بهتر بڻائڻ جو موقعو وٺي ۽ اهڙي نموني ترتيب ڏئي جيڪو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ هجي. هن چيو ته لبناني اختيارين کي گهرجي ته ”ايران جي مدد مان فائدو وٺي پنهنجا هدف حاصل ڪن، جڏهن ته علائقائي سطح تي جاري ڳالهين مان به فائدو ورتو وڃي.“

آمريڪا جي تباهه ٿيل فوجي هيليڪاپٽر جي جاچ هلي پئي

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سينٽڪام چيو آهي ته هنن تحقيق شروع ڪري ڇڏي آهي ته سومر ڏينهن هڪ آمريڪي آرمي اپاچي هيليڪاپٽر عمان جي ساحل ويجهو ڪيئن ڪري تباهه ٿيو. X تي جاري ڪيل بيان موجب سينٽڪام چيو آهي ته حادثي ۾ شامل ٻه عملي جا ميمبر تقريباً ٻن ڪلاڪن اندر محفوظ طور تي بچايا ويا ۽ هن وقت ٻنهي جي حالت مستحڪم آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هيليڪاپٽر حادثي کان پوءِ سمنڊ ۾ گم ٿي ويو، جڏهن عملو گشت تي هو، ۽ حادثي جو سبب هن وقت جاچ هيٺ آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سومر رات صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حادثي ۾ شامل ماڻهو ”ٺيڪ آهن“.

ڳالهيون جنگ جو حصو آهن، ٽرمپ جي سنجيدگي ضروري آهي، رئيسي
ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي چيئرمين ابراهيم عزيزي چيو آهي ته اسان ڳالهين کي جنگ جو هڪ حصو سمجهون ٿا، جيڪڏهن آمريڪا ۽ آمريڪي صدر جي سنجيدگي نظر آئي ته ڳالهين تي ڪو اعتراض نه هوندو. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدو ٿيڻ ٻي ڌر جي طرزِ عمل تي دارومدار رکي ٿو. جيڪڏهن ساڳيو رويو جاري رهيو ته جواب ناڪاري هوندو، ڇاڪاڻ ته اسان کي آمريڪا تي بلڪل به اعتماد ناهي. ابراهيم عزيزي چيو ته ايران جون مقرر ڪيل شرطون پوريون ڪيون وڃن ۽ قومي مفادن، اقتصادي معاملن ۽ لبنان جي مسئلي ۾ عملي اڳڀرائي نظر اچي ته ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ايران مزاحمتي محاذ، ان جي ميمبرن ۽ خاص طور لبنان جي معاملي تي پوئتي نه هٽندو.
معاهدي جو مسودو حتمي ناهي ٿيو پر ڳالهيون جاري آهي، سفير
گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايرواني چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ذريعي ڳالهيون جاري رکيو ويٺا آهن. ايران جي سرڪاري خبر رساں اداري موجب، سومر ڏينهن افغانستان بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ گڏيل قومن ۾ ايراني سفير امير سعيد ايرواني پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا سان معاهدي تائين پهچڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جو عمل جاري آهي. ايراني سفير موجب، آمريڪا ۽ ايران پاڪستان جي وسيلي حتمي مسودي تائين پهچڻ لاءِ خيال ۽ رايا هڪ ٻئي سان ونڊي رهيا آهن ۽ انهن جو تبادلو جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن اڃا تائين حتمي مسودي تي اتفاق ناهي ڪيو، پر اسان اهو عمل جاري رکيو ويٺا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو