لاکاروڊ (رپورٽ اظھر جلباڻي) لاکاروڊ ڀرسان ھوت خان جلباڻي ۾ رجب سومرو کي سندس ناٺي شمن سومرو گوليون ھڻي زخمي ڪري وڌو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ھالاڻي اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا تاب نه سھندي رجب سومرو فوت ٿي ويو. جوابدار فرار ٿي ويو، پوليس لاش کڻائي قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، آخري اطلاعات تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.










