بلڙي شاه ڪريم (ن سنڌيار)ڳوٺ عارب ٻاگهل ۾ 12 سالن جي نينگر فاون پٽ حبيب الله ٻاگهل کي گهر جي جهوپڙي جي پتر ۾ ويٺل نانگ ڪکي وڌو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽنڊومحمدخان اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو معصوم نينگر جو لاش گهر ۾ پهچڻ تي ماءُ بيهوش ٿي وئي ۽ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.










