ناليوارن عالمي ڪرڪيٽرن جي خان بابت حڪومت کي اپيل

ناليوارن عالمي ڪرڪيٽرن جي خان بابت حڪومت کي اپيل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي ڪرڪيٽ جي وڏن نالنسنيل گواسڪر۽ ڪپيل ديو اڱاري ڏينهن ٻين درجن کن اڳوڻن عالمي ڪپتانن سان گڏجي راند جي “بهترين آل رائونڊرن مان هڪ” ۽ اڳوڻي وزيراعظمعمران خان لاءِ جيل ۾ بهتر سلوڪ جو مطالبو ڪيو آهي۔
ڪرڪيٽر مان سياستدان بڻيل 73 ورهين جو عمران آگسٽ 2023 کان جيل ۾ آهي۔ هو ڪيترن ئي ڪيسن ۾ سزا يافته آهي، جن بابت سندس چوڻ آهي ته اهي 2022 جي پارلياماني ووٽ ذريعي اقتدار تان هٽائڻ کان پوءِ سياسي انتقام طور ٺاهيا ويا۔
عمران جي وڪيل سلمان صفدر گذريل هفتي سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته حراست دوران اڳوڻي وزيراعظم جي ساڄي اک جي نظر ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي۔ سومر ڏينهن هڪ ميڊيڪل بورڊ چيو ته علاج کان پوءِ سوجهه گهٽجي وئي آهي ۽ نظر ۾ سڌارو آيو آهي۔
اڱاري ڏينهن اڳوڻن ڀارتي ڪپتانن گواسڪر ۽ ڪپل ديو هڪ درخواست تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ عمران جي جيل حالتن ۽ سلوڪ بابت “گهري ڳڻتي” ظاهر ڪئي وئي۔
اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان گريگ چپل، سندس ڀاءُآئن چپل ۽ سندن هم وطنايلن بارڊر، اسٽيو واگ، بلنڊا ڪلارڪ، ۽ ڪم هيوجز پڻ درخواست تي صحيحون ڪيون۔
انگلينڊ جي مائيڪ اي3ثرٽن، ناصر حسين، ڊيوڊ گاور ۽ ويست انڊيز جو ڪلائيو لائڊ ۽ نيوزيلينڊ جي جان رائيٽ به صحيحون ڪندڙن ۾ شامل آهن.
هي مهم گريگ چيپل جي اڳواڻي ۾ هلي رهي آهي، جيڪو اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان ۽ عمران جو هم عصر رهيو آهي۔ ساڳئي وقت وزيراعظمشهباز شريف جي آفيس اي ايف پي کي ٻڌايو ته کين اڃا تائين ڪپتانن جو بيان وصول ناهي ٿيو۔
درخواست ۾ چيو ويو: “اسان مان ڪيترن هن سان مقابلو ڪيو، ساڻس ميدان شيئر ڪيو يا سندس آل رائونڊ قابليت، ڪشش ۽ مقابلي واري جذبي کي پنهنجو آئيڊيل بڻايو.”
“سندس صحت بابت تازيون رپورٽون — خاص طور حراست دوران نظر ۾ خطرناڪ گهٽتائي — ۽ گذريل اڍائي سالن دوران جيل حالتن اسان لاءِ گهري ڳڻتي جو سبب بڻيون آهن.”
“ڪرڪيٽرن طور، جيڪي فيئر پلي، عزت ۽ احترام جي قدرن کي سمجهون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته عمران خان جهڙي حيثيت رکندڙ شخص سان قومي اڳواڻ ۽ عالمي اسپورٽس آئڪن جي شان مطابق وقار ۽ بنيادي انساني احترام سان پيش اچڻ گهرجي.”
انهن ڪرڪيٽ ليجنڊن پاڪستان حڪومت کان “ادب سان” اپيل ڪئي ته عمران لاءِ فوري ۽ مناسب طبي سهولتون، باوقار سلوڪ ۽ قانوني عمل تائين بنا رڪاوٽ رسائي يقيني بڻائي وڃي۔
“ميدان تي اسان جي گڏيل تاريخ ياد ڏياري ٿي ته مقابلو اسٽمپس ڪڍڻ سان ختم ٿي وڃي ٿو، پر احترام قائم رهندو آهي۔ عمران خان پنهنجي سڄي ڪيريئر دوران اهو جذبو مجسم ڪيو.”
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي بيان جاري ڪري عالمي ڪرڪيٽرن جا ٿورا مڃيا، جن اڳوڻي وزيراعظم خلاف ٿيندڙ “ناانصافين” خلاف آواز اٿاريو۔
پارٽي اميد ظاهر ڪئي ته ڪرڪيٽر “انصاف ۽ برابري حاصل ٿيڻ تائين عمران خان جي مڪمل حمايت جاري رکندا.”
پي ٽي آءِ موجوده ۽ اڳوڻن عالمي ڪرڪيٽرن کي به اپيل ڪئي ته قيد اڳواڻ جي حق ۾۽ “هن ناانصافي” خلاف آواز اٿارين۔
پارٽي چيو: “ڪرڪيٽ جي عظيم ترين ليجنڊز مان هڪ هن وقت سياسي انتقام ۽ ناانصافي جو شڪار بڻجي جيل ۾ آهي، جتي کيس بنيادي انساني حقن ۽ ضروري طبي سهولتن کان محروم رکيو پيو وڃي.”
گذريل هفتي پاڪستان جي ڪرڪيٽ برادري پڻ اڳوڻي ڪپتان جي صحت بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ اختيارين کان بهترين ممڪن علاج مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو۔
اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان وسيم اڪرم جيڪو 1992 جي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ اسڪواڊ جو حصو هو — چيو ته عمران جي صحت مسئلن بابت ٻڌي “دل ڏکائيندڙ” آهي۔
اڳوڻي فاسٽ بالرشعيب اختر چيو ته عمران جي اک جي نظر وڃائڻ بابت خبر ٻڌي هو “گهڻو ڏکارو” ٿيو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو