نافرمان پٽن پيرسن والد کي گهر نيڪالي ڏئي ڇڏي

چونڊڪو(ن سنڌيار) چونڊڪو ۾ پيرسن پيءُ کي پٽن گهر مان ڪڍي ڇڏيو، پير سن نانڪ مل کي نافرمان  پٽن ديوان مل ۽ ماڻڪ مل گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، جنهن بعد پيرسن دربدري واري زندگي گذارڻ لڳو. نانڪ مل احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سڄي زندگي ۾ پنهنجي اولاد جي خدمت ڪئي ۽ تعليم سميت گهر ٺھرائي ڏنا. هن چيو ته پيري ۾ مون کي پٽن ديوان مل ۽ ماڻڪ مل گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، هاڻي مان دربدري واري زندگي گذاري رهيو آھيان، وس وارا منهنجي مدد ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو