نافرمان پٽن جو والد تي تشدد بعد گهر نيڪالي

نافرمان پٽن جو والد تي تشدد بعد گهر نيڪالي

ٺل(ن سنڌيار)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇٽو ڊول ۾ نافرمان پٽن پاران پيرسن والد محمد رمضان ڊول جي مٿان تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو. پيرسن والد محمد رمضان ڊول احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجي پٽن بهار، برڪت ڊول ۽ ٻين گهرڀاتين مون کي گهٽا ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪندي منهنجي مٿان تشدد ڪيو، جنهن بعد هنن مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، پٽن منهنجي زمين ۽ گهر تي قبضو ڪيو آهي ۽ گهر ۾ رهڻ به نٿا ڏين جنهن ڪري درپدري واري زندگي گذاري رهيو آهيان،هن چيو ته منهنجي نافرمان پٽن مون سان ظلم ڪيو آهي، منهنجي مٿان تشدد ڪيو جنهن جي دانهن حد جي پوليس کي پڻ ڏني آهي پر پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي،هن مطالبو ڪيو ته مون سان انصاف ڪندي مون کي ملڪيت ڏياري وڃي ۽ گهر تان پٽن جو قبضو ختم ڪرايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو