ناظم جوکيو ڪيس ۾ ڄام اويس گهرام نالو برقرار رهندو:عدالت جو حڪم

ناظم جوکيو ڪيس ۾ ڄام اويس گهرام نالو برقرار رهندو:عدالت جو حڪم

ملير(رپورٽر)ملير جي عدالت شھيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر طرفان جمع ڪرايل چالان تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آھي تھ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڄام اويس گهرام ،نياز سالار، حيدر علي، مهر علي ۽ احمد شورو خلاف ڪيس هلندو، سندن نالا ڪيس مان خارج نھ ٿيندا عدالت ايم اين اي ڄام عبدالڪريم،اسحاق جوکيو،محمد خان، سومار، سليم ۽ ٻين جا نالا 2 ڪالم ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو آھي ملير جي عدالت ڪيس ۾ گرفتار جمال واحد ۽ عبدالرزاق سالار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آھي

پهنجو تبصرو موڪليو