ناصر شاهه سان آمريڪي قونصل جنرل جي ملاقات

ناصر شاهه سان آمريڪي قونصل جنرل جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ هائوسنگ ٽائون پلاننگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن ۽ گذريل برساتن ۾ ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي گهڻو نقصان پهتو آهي. انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته ڪراچي جي 400 کان وڌيڪ ننڍن وڏن روڊن تي ڪم هلندڙ آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه علي هائوس ڪراچي ۾ ملاقات لاءِ آيل آمريڪي قونصل جنرل نڪول ٿيرياٽ سان ملاقات ۾ ڪئي. ملاقات ۾ قونصل جنرل ۽ مڪاني ادارن واري وزير وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات سيد نجم شاهه، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه، وڏي وزير جو ڪوآرڊينيٽر شهزاد ميمڻ، جسٽس آف پيس پير امان، پوليٽيڪل آفيسر رون رائنهارٽ ۽ پوليٽيڪل اسپيشلسٽ صالح شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه آمريڪي قونصل جنرل کي ٻڌايو ته پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي پرڏيهي پاليسين سبب مختلف ملڪن سان واپار کي هٿي ملي ۽ لڳاتار پرڏيهي دورن سبب پاڪستان ۽ دوست ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا. ان موقعي تي آمريڪي قونصل جنرل نڪول ٿيرياٽ ترقياتي ڪمن بابت سنڌ حڪومت جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته مڪاني ادارن جي کاتي ۽ سنڌ حڪومت پاران عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جا قدم ساراهه جوڳا آهن. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه آمريڪي قونصل جنرل کي سنڌ جي روايتي شال پيش ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو