ناسا جي روبوٽ مريخ جي پٿر جو نمونو حاصل ڪري ورتو

ناسا جي روبوٽ مريخ روور ڳاڙهي سياري تي ڊرل ڪري پٿر جو ٽڪرو حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو ھڪ ٽيوب ۾ مڪمل طرح محفوظ ڪرڻ کان پوءِ  زمين تي آندو ويندو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته مريخ جي سطح کان اندر مادي جو جديد تجربيگاهن ۾ مطالعو ڪيو ويندو ،  جنھن مان  هو  اندازو لڳائي سگهندا ته ڇا مريخ تي زندگي ڪڏهن  موجود ھئي.؟ پرسيورينس نالي ناسا جو هي روبوٽ فيبروري ۾ مريخ سياري جي جزيرو نالي 45 ڪلوميٽر ويڪري  کڏ ۾ لٿو هو . سياري  تان ورتل تصويرن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ھتي ڪڏھن ڪا ڍنڍ ھئي، جنھن کي دريائي وھڪري مان پاڻي ملندو ھو.

Photo Courtesy NASA/JPL/CALTECH

 اھڙي طرح ھي ڍنڍ قديم مائڪروبيل حياتيات کي محفوظ ڪرڻ لاءِ بهترين جڳهه سمجهي وڃي ٿي،  جيڪڏھن  ڪا حياتيات ڪڏهن هتي موجود ھئي. ناسا جو ھي روبوٽ تقريبن هڪ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف جو سفر ڪيو آهي جتي ھي پنج مهينا اڳ ڊرامائي طور تي لٿو هو. ھاڻي ھي هڪ اھڙي جاءِ تي بيھي رھيو آھي جنهن کي ‘خالص پٿرَ يا ‘فڪچرڊ رف’ واري جڳھ جو نالو ڏنو ويو آهي .ھي ماڳ هلڪي رنگ جي پٿرن جو  ميلاپ آهي جنهن جي باري ۾  ھن مشن جي ٽيم جو خيال آهي ته ھن جزيري جو بنياد  مٿانھون پاسو آهي. سائنسدان اهو طئي ڪرڻ چاهين ٿا ته  ڇا اهي خالص پٿرَ واريَ جي مٽي مان ٺهيل آهن يا ٻڙندڙ جبل  مان ٺهيل آهن.

Photo Courtesy NASA/JPL/CALTECH

پهريون نمونو انهيءَ پيلي  نظر ايندڙ پٿر مان ورتو ويندو.  چيف سائنسدان ڪين فارلي  جو چوڻ آهي ته اهو ميلاپ ٻنهي صورتن ۾ دلچسپ آهي، پر ٻڙندڙ جبل جي پٿر جي خوبي اھا آھي ته ان پٿر جي وجود جي ھجڻ جو تجربيگاهه ۾ صحيح  اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ”ھن  عمل سان واقعي مريخ تي ڏسجندڙ ڪيترين ئي شين جي وجود  جي عمر جي  خبر پئجي ويندي ،“  پرسيورينس پهريان مريخ  جي پيور اسٽون جي مخصوص علائقي واري سطح صاف ڪندو ته جيئن ان تي  مريخ جي ڄميل دز صاف ٿي وڃي، ان کان پوءِ پرسيورينس پنهنجي طاقت ۽ پُرِزن جي مدد سان ان جگھ جي باري ۾ معلومات حاصل ڪندو. اھي پُرِزا ان جي روبوٽڪ ٻانھُن جي شروعات  سان جڙيل آهن جيڪي هڪ پٿر جي اندر ڪيميائي جوڙجڪ ، معدنيات ۽ ان جي جوڙجڪ کي جاچ ڪرڻ جي لاءِ ٺاھيا ويا آھن.  

Photo Courtesy NASA/JPL/CALTECH

آگسٽ ۾ روبوٽ کوٽائي مان حاصل ڪيل پٿر جي ٽڪڙن  وارن  حصن کي محفوظ ڪري ڇڏيندو.  روور پنهنجي مشن جي دوران 40 اھڙن  ننڍڙن  نمونن کي ٽيوب ۾ محفوظ ڪندو، بعد ۾ناسا ۽ يورپي خلائي ايجنسي (اِي اَيس اَي)  جو ھڪ منصوبو مريخ تان اھي قيمتي پٿرَ کڻي واپس زمين تي ايندو.  پروفيسر فارلي جو چوڻ ۽  اميد آهي ته روور جي مدد سان چار الڳ الڳ طرح جا نمونا کڏي واري علائقي ۾ گڏ ڪيا ويندا ، جن تي تحقيق ھلي پئي. ان ۾ پٿر جي دلفريب ظاھري سطح به شامل آهي جنهن کي آرٽوبي سڏيو وڃي ٿو. جيڪو روور کان لڳ ڀڳ 600 ميٽر جي مفاصلي تي آھي ۽  ڪا سنھري سلٽ يعني واريءَ جي ڌار آھي ، جيڪا شايد ڍنڍ ۽ درياءَ واري ڊيلٽا سسٽم جي ڪري گڏ ٿي وئي آھي جيڪا شايد ڪڏھن جزيري ۾  موجود ھئي. ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي هڪ محقق جو اھو  چيوڻ آهي ته ”هي بالڪل اھڙي ئي قسم جو پٿر آهي جنهن ۾ اسان قديم حياتياتي نشانين جي ڳولا جي تحقيق لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا.”  پرسيورينس جھڙي طرح ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رھيو آھي، ان جي  ڪارڪردگي مان ناسا کي خوشي آهي .

Photo Courtesy NASA/JPL/CALTECH/BBC

هن جي ڊرائيونگ جي طريقي ۾ هڪ ڪاميابي پڻ ملي آهي ، جنهن ۾ هاڻي تمام گهڻي خودمختياري آئي آهي. ان کان اڳ مريخ تي موڪليل گاڏين کي رستي جي ڳولا ڪرڻ لاءِ زمين تي موجود ان جي ھلائڻ وارن کان هدايتن ۽ مدد  جي ضرورت پوندي ھئي، يا اهي خودڪار طريقي سان تمام گهٽ رفتار سان ھلنديون ھيو ن، جڏهن ته پرسيورينس تيزيءَ سان اڳتي جو رستو ڏسي ۽ وڏي مهارت سان  پنهنجو رستو ٺاھي سگهي ٿو. هي روبوٽ 100 ميٽر يا ان کان وڌيڪ ھلڻ جي لاءِ مشڪل رڪاوٽن کي ختم ڪري سگهي ٿو ، جيئن رستن ۾ ايندڙ وڏا پٿر يا ڀِٽَ. روور جي مدد ھڪ ننڍڙو هيلي ڪاپٽر ڪري رھيو آهي جيڪو هن مشن تي هن روور سان گڏ ويل آهي .اين جينيونٽي جي نالي وارو  هي ننڍڙو هيلي ڪاپٽر هن علائقي جي جانچ ڪرڻ لاءِ پرسيورينس کان اڳيان پرواز ڪري ھن جي مدد ڪري ٿو.  ناسا جي پراجيڪٽ مئنيجر جينيفر ٽروپر جو چوڻ آهي ته اسان صرف ھن جون  ڏهه  اڏامون  مڪمل ڪيون آهن ۽ ھن اسان جي اميدن جا سڀئي رڪارڊ ڀڃي ڇڏيا.

Photo Courtesy NASA/JPL/CALTECH/BBC

ھن جي اُڏام جو وقت  ٻه منٽ  46 سيڪنڊ، رفتار پنج ميٽر في سيڪنڊ ۽ اسان گذريل اُڏامن  جي ڀيٽ ۾ چار دفعا وڌيڪ اُڏامون ڪيون  ۽ اسان تقريباً 625 ميٽرن تائين اُڏام ڀري آهي. (هي مضمون بي بي سي تي شايع ٿيو جتان جاويد سولنگي سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪيو. اوهان جاويد سولنگي سان سندس موبائيل تي رابطو ڪري سگهو ٿا. jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو