اوٻاوڙو(غلام علي رند) کنبڙا ٿاڻي جي حد ۾ 3 سال اڳ ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيل مائي روبينا دستي جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي اوٻاوڙو جي ماڊل ڪورٽ جي جج احمد نواز ڊومڪي جي عدالت جوابدارعبدالڪريم دستي، سعيد احمد عرف سعيدو کي عمر قيد ۽ هر هڪ تي 25 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. واضح رهي ته ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيل ناري جو ڪيس ناري جي ڀاءُ رفيق احمد دستي جي فرياد تي کنڀڙ ا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. جڏهن ته هڪ جوابدار محمد اڪبر دستي کي ڪيس مان آزاد ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار ناري جي ڀاءُ کي هڪ هڪ لک يعني 2 لک جرمانو ڀري ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو. پوليس جوابدارن کي سينٽرل جيل گهوٽڪي موڪلي ڇڏيو.










