ناروي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم دنيا جي سڀ کان وڏي يوٿ فٽبال ٽورنامينٽ ناروي ڪپ 2023 ۾ پڻ شرڪت ڪندي، پاڪستان جي اسٽريٽ فٽبال ٽيم به ان انٽرنيشنل ليول جي مقابلي لاءِ ناروي جو دورو ڪندي، نوجوانن جي هيءَ ٽيم مسلم هينڊز جي ماتحت ناروي ويندي، ان جي راجمان علي چوڌري موجب ايندڙ ٻن هفتن ۾ اسلام آباد ۾ ٽرائلز منعقد ڪيا ويندا، جنهن ۾ ٽيم شرڪت ڪندي. پوري ملڪ مان بهترين رانديگرن جي چونڊ ڪندي.فٽبال ٽورنامينٽ ناروي جي شهر اوسلو ۾ ٿيندو ۽ ايونٽ 26 جولاءِ کان 5 آگسٽ تائين جاري رهندو.










