نادرا 22 ڪروڙ 70 لک پاڪستانين کي رجسٽر ڪري ورتو

نادرا 22 ڪروڙ 70 لک پاڪستانين کي رجسٽر ڪري ورتو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي سڃاڻپ ۽ رجسٽريشن واري اداري نادرا موجب 22 ڪروڙ 70 لک ماڻهو رجسٽرڊ آهن ۽ اهو تعداد ملڪ جي 97 سيڪڙو آبادي جي برابر آهي.
نادرا موجب رجسٽرڊ ماڻهن ۾ 48 سيڪڙو عورتون ۽ 52 سيڪڙو مرد شامل آهن۔
نادرا ان حوالي سان سالياني رپورٽ گهرو وزارت ۾ جمع ڪرائي آهي، جڏهن ته اداري جي ترجمان شباحت علي هڪ ساله ڪارڪردگي جا انگ اکر وڊيو بيان جي صورت ۾ جاري ڪيا آهن۔
ترجمان شباحت علي موجب 3 ڪروڙ 19 لک ٻارن جي پيدائش جو اندراج يونين ڪائونسلن ۾ ٿي چڪو آهي، پر اهي ٻار اڃا تائين قومي سڃاڻپ ۽ رجسٽريشن اداري وٽ رجسٽرڊ ناهن۔
وڊيو بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اداري جي بايو ميٽرڪ سڃاڻپ واري ڊيٽابيس ۾ 17 ڪروڙ شهرين جي چهري جي سڃاڻپ موجود آهي، جڏهن ته هڪ ارب 68 ڪروڙ آڱرين جا نشان ۽ 70 لک ماڻهن جي اکين جو ڊيٽا محفوظ آهي۔
ترجمان موجب مجموعي رجسٽريشن ۾ 11 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، ٻارن جي رجسٽريشن ۾ 18 سيڪڙو ۽ عورتن جي رجسٽريشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔
ترجمان ٻڌايو ته ملڪ ڀر ۾ اداري جا 938 رجسٽريشن مرڪز فعال آهن۔ سال 2025 دوران 75 نوان رجسٽريشن مرڪز ۽ 138 نوان ڪائونٽر قائم ڪيا ويا، جڏهن ته پرڏيهه رهندڙ پاڪستانين جي رجسٽريشن ۽ سهولتن کي پڻ وڌايو ويو آهي۔
ترجمان موجب پاڪ آءِ ڊي ايپ وٽ اداري جي 15 سيڪڙو ذميواري سنڀالي چڪي آهي ۽ ان جي ڊائون لوڊ جو انگ هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌي چڪو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو