اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي 30 شهرن ۾ نادرا درفن ۽ ون ونڊو پاسپورٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ذريعن مطابق هي فيصلو وزيراعظم شهبازشريف جي زير صدارت تجارتي اجلاس ۾ ٿيو هو وزيراعظم شهبازشريف ان حوالي سان چيو آهي ته جنهن تحصيل يا سب تحصيل ۾ پاسپورٽ آفيس نه آهي ته ان تي نادرا پاسپورٽ ٺاهين شهبازشريف جي هدايت تي باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو نوٽيفڪيشن مطابق نادرا جي دفتر ۾ پاسپورٽ جو به ڪائونٽر موجود هوندو. لاهور ريجن جي 12 ننڍن شهرن ۾ پاسپورٽ نادرا ٺاهيندو ڪراچي جي ٻن علائقن ۾ نادرا سينٽر تي پاسپورٽ ٺهي سگهندو ملتان جي 6 نادرا سينترن تي پاسپورٽ ٺهرائي سگهبو نوٽيفڪيشن مطابق سرگوڌا جي ٻن، ڪي پي ۾ 4 ۽ اسلام آباد جي 2، نادرا سينٽر به پاسپورٽ ٺاهيندا ان حوالي سان ڊي جي پاسپورٽچيو ته پاسپورٽ ڪائونٽر انهن فيصلن ۾ نادرا دفترن ۾ شروع ڪيو ويندو جن جي آبادي وڌيڪ هوندي انهن چيو ته معاشي حالتون بهتر ٿيڻ تي تحصيلن ۾ پاسپورٽ آفيس قائم ڪنداسين نادرا دفتر ۾ قائم پاسپورٽ ڪائونٽر محڪمه پاسپورٽ ۽ ميگريشن ڪنٽرول ڪندو انهن چيو ته نادرا في پاسپورٽ سرڪاري فيس کان علاوه هڪ هزار رپيا وصول ڪندي 10 جون کان هر نادرا آفيس ۾ پاسپورٽ جاري ڪرڻ واري خبرن ۾ ڪا صداقت نه هوندي.










