نااميدي ڪفر، ڪا به طاقت پاڪستان کي ترقي کان روڪي نه ٿي سگهي

نااميدي ڪفر، ڪا به طاقت پاڪستان کي ترقي کان روڪي نه ٿي سگهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته مسلمانن لاءِ نا اميد ٿيڻ ڪفر آهي، دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان روڪي نه ٿي سگهي.اسلام آباد ۾ گرين پاڪستان سيمينار کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسان سڀ هتي پاڪستان کي ٻيهر سرسبز بڻائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، الله پاڪستان کي ڪيتريون ئي نعمتون عطا ڪيون آهن.جنرل عاصم منير چيو ته اسان هڪ باصلاحيت قوم آهيون، ضرورت رڳو اها آهي ته ان جي ترقي ۾ گڏجي ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ هڪ اداري جي حيثيت سان هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريون ٿا، پوري جوش ۽ جذبي سان دل ۽ جان سان هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريون ٿا.پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، الله جي رحمت کان رڳو ڪافر ئي نااميد ٿين ٿا، مسلمان لاءِ ٻه حالتون آهن، جڏهن ڏک اچي ٿو ته صبر ڪري ٿو، جڏهن خوشي ٿئي ٿي ته شڪر ادا ڪري ٿو، مسلمان لاءِ مايوسي ڪفر آهي.اجلاس کي خطاب ڪندي جنرل عاصم منير جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان کي ترقي ڪرڻي آهي، دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان روڪي نه ٿي سگهي، اسان وٽ اهي سموريون صلاحيتون آهن جيڪي پاڪستان کي بلندي تي وٺي وڃي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو