واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان کي 9 هين جائزي جي ڪاميابي لاءِ اضافي فنڊنگ جي ضرورت آهي.واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آءِ ايم ايف جي ترجمان چيو ته اسٽاف ليول جي معاهدي کان اڳ پاڪستان کي دوست ملڪن کان فنڊنگ جي اطمينان جي ضرورت آهي، پاڪستان جي پرڏيهي ڀائيوارن طرفان فنانسنگ جو بندوبست خوش آئند آهي ۽ پاڪستان دوست ملڪن کان فنڊنگ جي آجيان ڪندو.ترجمان چيو ته پاڪستان کي 9 هين جائزي جي ڪاميابي لاءِ اضافي فنڊنگ جي ضرورت آهي، آفيسر 9هين جائزي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، قرض پروگرام جي بحالي لاءِ پاڪستاني اختيارين سان مسلسل ڪوششن ۾ مصروف آهن.پاڪستان کي بيلنس آف پيمينٽ لاءِ ادائگي جي ضرورت آهي.آءِ ايم ايف جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي معيشت جمود جو شڪار آهي ۽ پاڪستان کي تمام گهڻي مالي ضرورتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پاڪستان ٻاهرين ادائيگين ۾ سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي معيشت کي ٻوڏ سبب سخت نقصان پهتو آهي، پاڪستاني معيشت وڌيڪ سبسڊيز ۽ ٽيڪس ڇوٽ جي متحمل نه ٿي سگهي.










