نئين گاج ۾ وهڪرو وڌي ويو، ٻوڏ جهڙي صورتحال

نئين گاج ۾ وهڪرو وڌي ويو، ٻوڏ جهڙي صورتحال

ڊرگھ بالا (جي ايم لنڊ) کير ٿر جي جابلو سلسلن ۾ رات دير تائين جاري رهندڙ برسات سبب نئين گاج ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي ويو آهي ۽ ٻوڏ جو خدشو پيد ٿي پيو آهي. پاڻي گجگوڙ ڪري وهي رهيو آهي ۽ هڪ محطاط اندازي موجب 15 کان سورنهن فٽ تائين وهڪرو وهي پيو.

برسات سبب لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ جتي گهٽتائي ٿي آهي ۽ موسم خوشگوزر ٿي وئي آهي ته ٻئي پاسي ڪاڇي واسين جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون آهن ۽ ڳوٺاڻن مختلف فصل پوکڻ شروع ڪيا آهن. ڪيترن جاين تي برپٽ جهڙو ڏيک ڏيندڙ هي علائقو سرسبز ٿي ويو آهي. آس پاس جي برساتي ندين ۽ نالن ۾ به پاڻي پهچي ويو آهي ۽ هارين نارين سان گڏ مالوند ماڻهو پڻ بي حد خوش آهن. نئين گاج هزارين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهي ۽ علائقي ۾ جوئر، گوار، تر ۽ مڱن جو فصل پوکجي پيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو