گاج بند جي مرمت نه ٿي،ڪرپشن سميت حادثا روز جو معمول

گاج بند جي مرمت نه ٿي،ڪرپشن سميت حادثا روز جو معمول

ڊرگھ بالا (ن سنڌيار)ڪاڇي جي هزارين رهواسين لاء خطرو بڻيل نئين گاج بند جو مرمتي ڪم سُست رفتاري سان هلندڙ, سانوڻي جي برساتن ۾ مهيني جو عرصو وڃي بچيو انتظاميه ڪم ۾ غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي , جڏھن ته ذريعن موجب گاج بند جي مرمتي ڪم ۾ ڪرپشن جا انڪشاف تيل , لوه, سيمينٽ چوري مزدورن جي اجرت, اضافي مزدورن جي لسٽن جي مد ۾ ڪرپشن جوانڪشاف مقامي مزدور نظر انداز, ڪمپني انتظاميه ڪم ڪندڙ پورهيتن کي اجرت نه ڏيڻ تان ڪيترائي مزدور ڪم ڇڏي ويا ڪرپشن بابت پهتل خبرن کان پوء علائقي واسين پاران ڳڻتي جو اظهار بليڪ لسٽ قرار ڏنل ڊي بلوچ ڪمپني سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو منصوبو مڪمل نه ڪرايو آھي گاج ڊيم ۽ گاج بند منصوبو سندن ناقص ڪارڪردگي جا چٽا ثبوت آهن ٻنهي منصوبن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي جنهن ڪري ٻئي رٿائون مڪمل نه ڪيون ويون رهواسين جون حياتيون بچائڻ خاطر ڪم غير ملڪي ڪمپنين کي ڏنو وڃي سوين مقامي رهواسين جو بيان ۾ اظهار خبر موجب ڪاڇي جي هزارين رهواسين لاء خطرو بڻيل گاج بند منصوبي جي شروعاتي ڪم ۾ ڪرپشن جو خبرون موصول, تيل, لوه , سيمينٽ, چوري ٿيڻ جا انڪشافات, مزدورن جو اضافي تعداد ڄاڻائي پئسا هڙپ ڪيا پيا وڃن, ڪم تي لڳل مقامي مزدورن کي اجرتون نه ملڻ سبب ڪيترائي مزدور ڪم ڇڏي ويا خطرناڪ منصوبو جو ڪم انتهائي سسُت رفتاري سبب ٿيڻ لڳو جنهن سبب متاثر ٿيل علائقن جي هزارين ماڻھن ۾ خوف پکڙيل نئين گاج جي سوين ايڪڙ زمينن ۾ ڪتي جي فصل جي پوکائي متاثر مرچ, بصر, جوئر, گوار پوکي نه ٿيڻ تي آبادگار ۽ هاري انتهائي پريشان ٿي ويا آھن گذريل ٽن سالن کان بند ٽُٽڻ سبب آيل ٻوڏن دوران ڪيتريون ئي زمينون فصل پيدا ڪري نه سگهيون ٻوڏ جي پاڻي جي خطري سبب هيٺانهيون انتهائي متاثر ٿي رهيون آهن جنهن سبب فصلن ۾ لکين رپيا ڪمائيندڙ آبادگار توڙي هاري ويچارا سخت پريشان آهن ذريعن مطابق ڊي بلوچ ڪرپٽ ترين ڪنسٽرڪشن ڪمپني قرار پوري ملڪ اندر ڊي بلوچ ڪمپني کي ڏنل وڏن منصوبن ۾ ريڪارڊ ڪرپشن جا انڪشافات ظاهر ڪوبه وڏو منصوبو وقت سر مڪمل نه ڪرائڻ سبب سنڌ سرڪار جي ذميوار اختيارين جو هن ڪمپني تي شفقت جو هٿ سر تي رکيل گاج ڊيم منصوبي جو ٺيڪو کڻندڙ ڊي بلوچ پنجن سالن ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو جنهن کي ٻارنهن ورهين گذرڻ باوجود اڃا تائين مڪمل نٿي سگهيو, ۽ وري گاج بند جو ٺيڪو ڏئي هزارين ڪاڇي واسين کي ڊي بلوچ جهڙي ڪرپٽ ڪمپني جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو جنهن شروعاتي ڪم ۾ ڪرپشن شروع ڪري ڇڏي ۽ گاج ڊيم جيان گاج بند جي ڪم مڪمل ٿيڻ جا چانس بلڪل گهٽجي ويا ڪاڇي واسين پاران امڪاني نقصانن سبب عدالت وڃڻ جو چتاءُ گاج بند سن 1947 کان اڳ تعمير ڪيو ويو جيڪو هن وقت تائين پنج وڏن ٻوڏن سبب تباهيون ڦھلائي چُڪو سن 48, 1995. 2011, 2020 ۽ 21 ۾ سڀ کان گهڻي تباهي آڻي چُڪو ۽ بند ٽُٽڻ جا سبب ڪرپشن ۽ آبپاشي کاتي جي نااهلي ٻُڌائي پئي وڃي جيڪا هن موتمار بند جي ڪڏھن به مالڪي نٿي ڪري ۽ مرمت لاء ايندڙ ڪروڙين رپيا شهري علائقن ڪئنالن واٽر ڪورسن تي لڳايا ويندا رهيا آهن ,گاج بند ۾ ڪرپشن ڪندڙ آبپاشي ڊويزن دادو جي انجنيئر, سرويئر سميت ست کان وڌيڪ ڪامورن کي نيب طرفان ڪاروائيون ڪري ڪيس ڪيا جيڪي مختصر عرصي کان پوء ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪيا ويا گاج بند ٽُٽڻ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل دادو ضلعي جي يوسي ڊرگھ بالا جي تڪ جي چونڊيل نمائندن ڪابه مالڪي نه ڪئي ٽن ورهين کان مسلسل آيل ٻوڏن ۾ ٽُٽل روڊن کي تعمير نه ڪيو ويو هزارين رهواسي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن حادثا به روز جو معمول بڻيل ڪروڙين رپيا مرمت جي آڙ ۾ هضم ڪيا ويا پر ڪٿي به هڪ پٿر نه وڇايو ويو روڊ جي سهولت نه هئڻ سبب شهرن تائين پهچڻ ڏُکيو ٿي ويو ڪيترائي ماڻھون تڪليفن سبب لڏپلاڻ ڪري شهري علائقن ڏانهن هليا ويا روڊ جي سهولت نه هئڻ سبب علائقي جي ترقي ۾ رڪاوٽون ڪاڇي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن محمد بچل برهماڻي, مفتي خدابخش لانگاھ, سيد عثمان شاه رضوي, وزير علي لغاري, اعجاز علي گرماڻي, ولي محمد لنڊ, حاجي حيات لنڊ, نظير احمد گرماڻي, امجد لنڊ, جنسار علي برهماڻي ۽ ٻين آبپاشي کاتي جي ناقص ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته گاج بند هزارين انسانن جي زندگي ۽ موت جو معاملو آهي جيڪڏھن ان کي ڪرپشن جي ور چاڙھي ڪم کي رولڙي ۾ وڌو ويو ته امڪاني نقصانن جي سموري ذميواري آبپاشي کاتي جي هوندي ۽ اسان عدالت تائين به وينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو