لاهور (ويب ڊيسڪ) ڳڻپ واري وفاقي اداري نئين جڊيٽل آدمشماري جي تاريخ ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي صوبائي آدمشماري ڪمشنرز ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي جاري ڪيل پيغام ۾ ڳڻپ واري اداري پاران آدمشماري جو فيلڊ ورڪ 15 مئي تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي آدمشماري ڪمشنر ڊاڪٽر نعيم الظفر پاران جاري ڪيل پيغام مطابق آدمشماري ۾هن وقت تائين 5 ڀيرا واڌ ٿي چڪي آهي پهرين مارچ کان شروع ٿيندڙ آدمشماري جي شروعاتي ڊيڊ لائن 4 اپريل هئي.










