ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گئس جي بدبوءِ پکڙجڻ جي شڪايتن تي سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) جو بيان سامهون اچي ويو آهي. ايس ايس جي سي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گذريل ڏينهن نئين پائپ لائن جي ٽيسٽنگ ڪئي وئي هئي. ٽيسٽنگ دوران گئس ۾ بوءِ پيدا ڪندڙ مادي (ڪيمڪل) جو مقدار وڌيڪ شامل ٿي ويو، جنهن ڪري مختلف علائقن مان گئس لِيڪيج (گئس خارج ٿيڻ) جون شڪايتون موصول ٿي رهيون آهن. ترجمان وڌيڪ چيو ته سسٽم ۾ گئس جو پريشر معمول موجب آهي، ڪا به گئس لِيڪيج رپورٽ ناهي ٿي. گئس جي هيءَ بوءِ صرف ٽيسٽنگ دوران ڪيمڪل جي واڌ سبب پيدا ٿي آهي، تنهن ڪري صارفين اطمينان سان پنهنجا معمول جا ڪم جاري رکن.










