راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نئين حڪومت اچڻ باوجود ملڪ جون حالتون خراب ٿينديون ۽ نه سڌرنديون. راولپنڊي ڪچري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان جو عوام هڪ پاسي بيٺو آهي ۽ حڪومت ٻئي پاسي بيٺي آهي.صحافي سوال ڪيو ته ڇا مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهڻ وارا آهن؟ جنهن تي فواد چوڌري جواب ڏنو ته هي جام ۽ پي ڊي ايم 2 آهي.
فواد چوڌري جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 12 مارچ تائين واڌ
ٻئي طرف عدالت فواد چوڌري جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 12 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي.جج موڪل تي هئڻ ڪري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.فواد چوڌري تي هائوسنگ سوسائٽي مان رشوت وٺڻ جو الزام آهي.










