مھاڻا اونھي وڏي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن: اسماعيل راھو

مھاڻا اونھي وڏي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن: اسماعيل راھو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾مئي مھيني۾معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان.سنڌ سرڪار سمورن کاتن کي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.سنڌ حڪومت جي مھاڻن کي به اونھي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي ھدايت جاري ڪري ڇڏي آھي. ان سلسلي ماحوليات واري وزير اسماعيل راھو چيو آھي ته ملڪ جي ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ به وقفي وقفي سان 30 اپريل کان 5 مئي تائين گجگوڙ ۽ برسات پوڻ جو امڪان آهي, ان حوالي سان سنڌ حڪومت سڀني کاتن کي ھائي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آھي,بلوچستان ۾ ٻوڏ اچڻ سبب سنڌمتاثرٿي سگهي ٿي.اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو به خطرو آهي, ڪراچي،حيدرآباد،سکر، لاڙڪاڻو، ٺٽو، بدين، خيرپور، ٽنڊوڄام، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. اسماعيل راهو چيو ته صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پڻ لاڳاپيل کاتن کي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي,مڪاني ادارن جي کاتي سمورن مڪاني ادارن کي دريائن جي صفائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن,اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جاسمورا ادارا الرٽ آهن.صوبائي وزير اسماعيل راهو ادارن کي ھدايت جاري ڪندي چيو ته گذريل سال جي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان کانپوءِ مرمت جو ڪم فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي, تيز رفتار موسمياتي تبديلين جي ڪري اسان غير يقيني موسمي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون,ماهي گير وڏي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن,سنڌ ۾ برسات سبب بيٺل فصلن کي نقصان پهچي سگھي ٿو. ھن سنڌ جا هاري موسم جي اڳڪٿي مطابق انتظام ڪن ٿا, 28 اپريل کان 5 مئي تائين برساتن جو سسٽم هن سال جو مضبوط ترين سسٽم ٿي سگهي ٿو,آبپاشي کاتي لاڙڪاڻو، دادو، ڪوٽڙي، خيرپور ۽ سکر ڀرسان سنڌو درياهه جي بندن جي وڌيڪ مضبوطي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو