نواب شاھه (ن سنڌيار)ضلع شهيد بينظيرآباد ۾ مڪاني چونڊون 26 جون اڄ ٿينديون سمورا انتظام مڪمل ضلع ۾ 81 انتهائي حساس ۽ 160 حساس پولنگ اسٽيشنون قرار تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عامر حسين پنهور جي صدارت هيٺ مڪاني چونڊن جي انتطامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ گذريل ڏينهن هڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عامر حسين پنهور سمورن رٽرننگ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اڄ منعقد ٿيندڙ مڪاني چونڊن کي صاف ۽ شفاف بنائڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين ڇاڪاڻ ته هي قومي ڪاز آهي جنهن ايماندار سان سرانجام ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلع ۾ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي چيو ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان پوليس کاتي پاران سيڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلع ۾ ڪل 682 پولنگ اسٽيشنن مان 441 نارمل، 81 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس، 160 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي جن تي سي سي ٽي ڪيمرائون لڳائڻ سميت سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته اليڪشن دوران ضلع ۾ 3 هزار 58 پوليس عملدار پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر پرويزاحمد ڪلوڙ ٻڌايو ته ضلع شهيد بينظيرآباد ۾ ٽوٽل 682 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ 168 مرد ، 168 عورتن لاءِ ۽ 346 گڏيل پولنگ اسٽيشنون شامل آهن انهن پولنگ اسٽيشنن ۾ 2436 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ 1247 مرد، 1189 عورتن لاءِ پولنگ بوٿ شامل آهن چونڊن دوران ضلع ۾ ڪل 9 لک 18 هزار 128 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا جن ۾ 5 لک 278 مرد ۽ 4 لک 17 هزار 850 عورتون ووٽر شامل آهن.










