ميرپورخاص / عمرڪوٽ / مٺي ( نمائندن وٽان ) ميرپورخاص ڊويزن جي جيالن به مڪاني چونڊن ۾ سوڀ جو تاج پنهنجي سر تي رکڻ جي خوشي ۾ ٽنهي ضلعن ميرپورخاص، عمر ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ جيالن شاندار ريليون ڪڍي خوشي جو اظهار ڪيو. ميرپورخاص ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ميرپورخاص ضلعي پاران مڪاني چونڊون ۾ ڀاري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻڻ جي خوشيءَ ۾ پ پ پ ضلعي ميرپورخاص جي جنرل سيڪريٽري مير حسن ڌونڪائي جي اڳواڻي ۾ جرواري شاخ تي ڪئمپ قائم ڪري جيت جو جشن ملهائيندي شاندار ريلي ڪڍي وئي ، ريلي ۾ سوين موٽرسائيڪلون ڪارون ۽ ٻين گاڏيون وڏي تعداد ۾ پ پ پ ليڊيز ونگ ، مڪاني چونڊون ۾ ڪامياب ٿيل نمائندا ۽ سوين ڪارڪن شامل. عمرڪوٽ ۾ بلدياتي الڪيشن ۾ جيت جي خوشي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جشن ريلي جيالن جون جهمريون شهرين پاران گلن جي ورکا پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي عمرڪوٽ طرفان پارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي بلدياتي الڪشين جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ضلعي جنرل سڪريٽري صوفي نواز، انفارميشن سڪريٽري برهان ڪنڀار، اڳوڻي ٽائون چئيرمين سيف الله خالد سراج سومرو، رئيس الله بچايو کوسو، شوڪت اڌيپوري، رميش رتناڻي بجير، چيتن گوئيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تين تلوار چوڪ کان ٿربازار تائين جشن ريلي ڪڍي وئي جشن ريلي ۾ وڏي انگ ۾ پارٽي جيالن، عهديدارن چونڊجي آيلن اميدوارن شرڪت ڪري شهر جو گشت ڪري جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مڪاني چونڊن جي نتيجن واضع ڪري ڇڏيو آهي عمرڪوٽ ضلعو پاڪستان پيپلزپارٽي جو قلعو آهي مخالف الڪشين کانپوءِ ٻرن ۾ لڪي ويا آهن پورو ضلعو پاڪستان پاڪستان پيپلزپارٽي وڏي ليڊ سان ڪلين سوئپ ڪري مخالفن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن هنن چيو ته چونڊجي آيل اميدوار عوام جا مسئلا ترجيع بنيادن تي حل ڪندا پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين مسڪين غريب ماڻهن جي مالڪي ڪئي آهي ملڪ جو ايندڙ وزيرآعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو مٺي ۾ پيپلز پارٽي ٿرپارڪر ضلعي جي قيادت جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي صادق فقير چوڪ تي خوشي ۾ جشن فتح ملهايو پيو وڃي جنهن ۾ ايم اين اين، ايم پي اي، سينيٽر ، چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن سميت جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جيالن گيتن تي رقص ڪيو ۽ جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا.










