اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آئي جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته اپورٽيڊ ڪٺپتلين جون اولادون اثاثا ڪاروبار ۽ علاج سڀ پاڪستان کان ٻاهر آهي سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جي حق تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته امپورٽيڊ سرڪار جي سمنڊ پار پاڪستانين کان بيزاري ڪنهن کان به ڍڪيل ڇپيل نه آهي هن چيو ته امپورٽيڊ حڪومت پردي ۾ رهندڙ لکين پاڪستانين تي راه دئي جي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ چاهي ٿي ڪٺپتلي سرڪار سمنڊ پار پاڪستانين جو ووٽ جي حق کان محروم رکڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي هن چيو ته امپورٽيڊ سرڪار جي دعويٰ آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ کان ٻاهر رهندي ۽ زميني حقيقتن کان لاعلم آهن هن چيو ته امپورٽيڊ حڪومت کي محب وطن پاڪستانين سان گڏجي گهر موڪلينداسين ۽ سياست کان به ناڪ آئوٽ ڪنداسين.










