مٺي ۾ موٽرسائيڪلون ٽڪرائجڻ سبب4 ڄڻا فوت، 1 زخمي

مٺي ۾ موٽرسائيڪلون ٽڪرائجڻ سبب4 ڄڻا فوت، 1 زخمي

ٿرپارڪر(ن س) ٿرپارڪر ۾ پوليس اسٽيشن مٺي جي حدن اندر ڳوٺ سانياسر اسٽاپ وٽ ٿرپارڪر گهمڻ لاءِ ايندڙ سياحن جون موٽرسائيڪلون تيز رفتاري سبب پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو.فوت ٿيلن ۾ 17 سالا شعبان ولد جان محمد لغاري، 17 سالا مهراڻ ولد يوسف لغاري، 30- سالا ريئوشو ولد مولجي ڪولهي ۽ 25- سالن جو آصف ولد گلاب، عمر 25 سال، قوم هنگورجو، رهواسي ڳوٺ ولي محمد ملڪاني، ضلعو بدين شامل آهن.حادثي ۾ انور عليڪڇي بدين واسي پڻ زخمي ٿيو، جنهن کي سول اسپتال مٺي ۾ پهرين طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت سبب حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.پوليس موجب حادثي کانپوءِ فوت ٿيلن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.حادثي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته تيز رفتاري سبب پيش آيل هن افسوسناڪ حادثي ٿرپارڪر ايندڙ سياحن لاءِ روڊ سيفٽي ۽ احتياط جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو