ٿرپارڪر (ن س): مٺي روڊ تي ڳوٺ سانياسر وٽ ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال کسايو ويو آهي. فوت ٿيلن ۾ مهرڻ پٽ يوسف لغاري، شعبان پٽ جان محمد لغاري ۽ ريشو پٽ مومجي ڪولهي شامل آهن، جن مان ٽن جو تعلق ضلعي بدين جي علائقي ملڪاڻي شريف سان ٻڌايو پيو وڃي. ريسڪيو ذريعن موجب دردناڪ حادثي بعد چئن ئي فوت ٿيلن جا لاش سول اسپتال مٺي منتقل ڪيا ويا، جتي ضروري ڪارروائي هلي رهي آهي، جڏهن ته زخمي کي پڻ طبي امداد ڏني پئي وڃي. حادثي جي خبر ٻڌڻ سان ئي اسپتال ۾ سوڳ جي لهر ڇائجي وئي ۽ وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.










