مٺي: ڀڪوئو ڳوٺ ۾ برساتي پاڻي جي کڏي ۾ ٻڏي ٻه ٻارڙا فوت

مٺي: ڀڪوئو ڳوٺ ۾ برساتي پاڻي جي کڏي ۾ ٻڏي ٻه ٻارڙا فوت

مٺي (رپورٽ صادق بجير ): مٺي ڀرسان ڳوٺ ڀڪوئو ۾ برساتي پاڻي سان ڀريل کڏي ۾ ٻڏي ٻه معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا. شروعاتي طور ٻارن کي پاڻي مان ڪڍڻ لاءِ ڳوٺاڻن پاران ڪوششون جاري رهيون، جڏهن ته بعد ۾ ٻنهي جا لاش پاڻي مان ڪڍيا ويا.فوتين ۾ مهتاب ولد وشنو ۽ شهديو ولد ڪستورو ميگھواڙ هرواڻي شامل آهن. ڄاڻ موجب ٻئي ٻار پاڻ ۾ سئوٽ هئا. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو