مٺياڻي کي تعلقي جو درجو ڏيو، شهرين جو احتجاج

نوشھرو فيروز(رپورٽ منظور ملڪ)مٺياڻي کي تعلقي جو درجو ڏيو سنڌ ڊووٽرس فورم جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي سنڌ ڊووٽرس فورم جو چيئرمين مسرور چانڊيو ۽ جدو جهد  ڪاميٽي جي محمد ڀورل ڀٽي  منظور ملڪ سيد ذاڪر شاه مجاهد سولنگي محبوب ملاح  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ريلي چانڊيا پيٽرول پمپ کان ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مٺياڻي شهر تاريخي ۽ قديمي شهر آهي هي شهر درياء سنڌ جي ڪپ تي هئڻ ڪري ڪاروبار جي حوالي سان مشهور آهي ان سان گڏوگڏ تعليم جي حوالي سان به هي شهر تمام گهڻو مشهور آهي جو سنڌ جا مشهور شاعر بچل بيوس ۽ راشد مورائي به هن شهر مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن پر حڪومت هن شهر کي وسار ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري هن شهر جا ماڻهو مايوس آهن انهن ۾ ڦھليل مايوسي ختم ڪرڻ لاء هن شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاء سنڌ ڊووٽرس فورم جدوجد شروع ڪئي آهي هي جدوجهد تعلقي جي درجي ملڻ تائين جاري رکي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو