ٺڪراٺو (رپورٽر) ٺڪراٺو جي ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج دوائون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ڊرگ انسپيڪٽر جا ڇاپا وڏي تعداد ۾ مدي خارج دوائون ھٿ 2 ميڊيڪل سيل مدي خارج دوائون ھٿ ٿيون آھن ڪارروائي جاري رکندينس ميڊم شفق شفي خبر موجب ٺڪراٺو جي ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج دوائون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي عوامي شڪايتون ٿيڻ کانپو۽ ڊرگ انسپيڪٽر ڇاپا ھنيا ڇاپن دوران ميڊيڪل اسٽورن تي مُدي خارج دوائون ھٿ ڪيون ويون 2 ميڊيڪل اسٽور سيل ڪيا ويا آھن ٽئين اسٽور مالڪ کي وارننگ ڏني وئي ان موقعي تي ڊرگ انسپيڪٽر شفق شفي ٻڌايو ته ٺڪراٺو جي ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج دوائون وڪرو ٿي رھيون آھن عوامي شڪايتن کانپو۽ ڇاپا ھنيا آھن جنھن دوران دانش آرائين ۽ انيل جي ميڊيڪل اسٽور تي مدي خارج دوائون ھٿ ٿيون آھن جن کي سيل ڪيو آھي ۽ ملتان مينگھواڙ کي وارننگ ڏني آھي ھن چيو ته اھڙيون ڪارروايون ضلعي سکر ۾ جاري آھن سيل ٿيل اسٽور ٻيھر کوليا ويا ته مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا.










