اطلاعات کاتي ۾ سينئر آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

اطلاعات کاتي ۾ سينئر آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اطلاعات کاتي ۾ اهم تبديليون ڪندي گريڊ 20 هين جي ٽن سينئر آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا آهن. ميڊم رئيسه عادل کي نئون پرنسپل انفرميشن آفيسر يعني پي آءِ او مقرر ڪيو ويو آهي. رئيسه عادل انفرميشن گروپ جي گريڊ 20 هين جي آفيسر آهي. هوءَ اڳ ۾ ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۾ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي. جتان کيس بدلي ڪري پريس انفرميشن ڊپارٽمينٽ، پي آءِ ڊي جو هيڊ مقرر ڪيو ويو آهي. پي آءِ او طور ڪم ڪندڙ گريڊ 20 جي آفيسر مبشر حسن کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر جنرل ڊجيٽل ڪميونيڪشن مقرر ڪيو ويو آهي، جتان گريڊ 20 هين جي آفيسر محمد شهزاد کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو