اقليتي شاگردن جي وظيفن ۾ اضافي جو فيصلو

اقليتي شاگردن جي وظيفن ۾ اضافي جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اقليتين جي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جي صدارت هيٺ سنڌ نان مسلم ويلفيئر ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. حقدارن کي هولي جي موقعي تي مالي مدد جي چيڪ جي فراهمي کي اولين ترجيح ڏيڻ جو فيصلو. اجلاس ۾ اقليتي برادري جي شاگردن کي وظيفن جي رقم وڌائڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. جنهن مطابق ميٽرڪ جي شاگردن جا وظيفا 25 هزار روپيا ۽ اعليٰ تعليم لاءِ 35 هزار روپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ان کان علاوه غربت سبب آپگھات ڪندڙ ٽنڊوالهيار جي 20 خاندانن جي پونئرن کي في خاندان هڪ لک روپيا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي هدايت ڏني ته مالي امداد ، ميڊيڪل ڪيسز ۽ ڏاج لاءِ ٽائم فريم ڏنو وڃي . ھن چيو ته ميڊيڪل ۽ ڏاج جا ڪيس ستن ڏينهن اندر حل ڪيا وڃن هن چيو ته هولي جي ڏڻ تي مالي امداد جا چيڪ 6 مارچ تي جاري ڪيا وڃن ۽ حقدارن کي هولي جي چيڪ جي وقت سر فراهمي لاءِ اقليتي معاملن جون آفيسون ڇنڇر ۽ آچر تي به کليل رکيون وڃن ، اجلاس ۾ ھلندڙ ترقياتي اسڪيمن ، نئين مالي سال جي اسڪيم ۽ تازي ٻوڏ ۾ متاثر عبادتگاهن جي مرمت ۽ بحالي جي ڪمن جو به جائزو ورتو ويو. گيانچند ايسراڻي چيو ته کاتي تحت ھلندڙ ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ هلندڙ مالي سال ۾ وڌ ۾ وڌ ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون وڃن. هن چيو ته ساڌو ٻيلو اسڪيم کي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ اسڪيم تي نظرثاني ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن کان علاوه اقليتي معاملن واري سيڪريٽري، اقليتي معاملن واري ڊائريڪٽر، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ ميڊيڪل بورڊ جي ٽن ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو