خيرپور ناٿن شاهه (ن سنڌيار) خيرپور ناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ملازمن جي احتجاج کي 97 ڏينھن گذري ويا.مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ 98 ھين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان خادم لانڊر، منير آرائين، سڪندر ڀٽي، فهيم لنڊ، غلام نبي لغاري ۽ عباس چانڊيو جي اڳواڻي ۾ گاهه کائي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اٺ سال اڳ اسان جون پگهارون بند ڪري بيگناهه نوڪرين مان ڪڍيو ويو، جنهن سبب اسان جي گهرن جا چُلها وسامجي ويا آھن، اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيان. هنن اهو به چيو ته اسان جي جڳهه تي ٻيا غيرقانوني ۽ من پسند ملازم ڀرتي ڪيا ويا آھن، جيڪا سراسر ناجائزي آهي.هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ مڪاني کاتي جي وزير کي اپيل ڪئي ته خدارا نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.










