ميرپورماٿيلو (ظھير وسير) ميھڙ ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي قتل ۾ نامزد جوابدارن جي انسدادِ دھشتگردي عدالت ۾ پيشي، هڪ جوابدار جي عدم حاضري سبب عدالت سندس ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ڪيس جي مدعي ام رباب پيش نه ٿيڻ ڪري عدالت ايندڙ سماعت 12آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس ۾ نامزد جوابدار سردار خان چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عدالتن ۾ پيش ٿيون پيا مگر ڪيس ڪرڻ وارا پيش نه ٿا ٿين. هن وڌيڪ چيو ته اسان منشيات فروشي جي خلاف آهيون انهي ڪري اسان کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عدالت تي اعتماد ظاهر ڪندي چيو ته عدالت کي گهرجي ته اسان جو موقف به ٻڌو وڃي ۽ اسان ڪورٽ سڳوري مان انصاف جي اميد رکون ٿا. ٻئي طرف ام رباب جي وڪيل صلاح الدين پنهيار ٻڌايو ته ام رباب جي زندگي کي خطرو لاحق آهي ۽ ڪيس جي ڪراچي منتقلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي ۽ سندس ان درخواست جي ٻڌڻي سبب هوءَ پيش نه ٿي سگهي.










